ڳوٺ ڳاٽ تحصيل اسلام ڪوٽ ضلعو ٿرپارڪر سنڌ پاڪستان
انڊيا پاڪستان بارڊر لڳ ٿرپارڪر ۾ ھڪڙو ننڍڙو ڳوٺ آهي
جنھن جو نالو ڳاٽ آھي
ھي ڳوٺ پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ جلد وجود ۾ آيو
سال 1950ع کان ھي ڳوٺ باقاعده اڃ بہ موجود آھي
ھن ڳوٺ ۾ تقريبن 200 کي ويجھا گھر آھن
ھن ڳوٺ ۾ فقط 2 قومون آباد آهن ھڪڙا ڪپري بلوچ ٻيا سومرا
ڪپري بلوچ پنھنجي مادري ٻولي بلوچي ۽ سنڌي ڳالھائن ٿا سومرا سنڌي ٻولي ڳالھائن ٿا
ھن ڳوٺ ۾ اڃان تائين حڪومت طرفان ڪابه عوامي سھولت جھڙوڪ بجلي روڊ يا اسپتال نہ ملي سگھيا آهن
ھن ڳالھ کي ھتي لکڻ جو فقط ھي مقصد آھي تہ خدارا ھن ترقي جي دور ۾ اسان کي ڇو بنيادي سهولتن کان محروم رکيو ويو آهي
ڇا اسين پاڪستان جا رھاڪو ناھيون
ڇا اسين سنڌ حڪومت کي ووٽ نہ ڏيندا آھيون
ڪھڙي ڏوھ جي تحت اسان کي پوئتي رکيو ويو آهي
تبصرے
ایک تبصرہ شائع کریں